روحل فقير جون رمزون

روحل فقير جون رمزون

روحل فقير جون رمزون

روحل فقير جون رمزون (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي مشهور صوفي شاعر روحل فقير جي ڪلام تي مشتمل آهي، جنهن کي صوفي شفيع محمد سومري ترتيب ڏنو آهي، جڏهن ته ڪتاب جو مهاڳ صوفي ساگر ابڙي لکيو آهي، جنهن ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته، ”روحل فقير جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته هن مسلمان هوندي به هندو ڌرم جي گرنٿن، شاسترن ۽ فلسفي جو گهرو مطالعو ڪيو آهي ۽ پنهنجي شخصي انڀوءَ (مشاهدي/ تجربي) جي آڌار تي ادوئت، ويدانت، يوگ، گيان، ڀڳتي ۽ ڪرم جهڙن موضوعن تي هنديءَ ۾ شاعري ڪئي آهي.“
هن ڪتاب ۾ سهڻي، پورب ۽ نوري، ڄام تماچيءَ جا سُر، توحيد رباني، جوڳ، ڪافيون، دوها، الف - ب وار ترتيب سان ڏنا ويا آهن. ان کانسواءِ اهي سوال جواب به آهن، جيڪي شاهو فقير پنهنجي والد (روحل فقير) کان پڇيا هئا. ان کان سواءِ سندس سرائيڪي ڪلام به هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب صوفي صادق پبليڪيشن، عمرڪوٽ پاران 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيمت 60 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو